اسٽيو جوبز

اسٽيو جوبز

اسٽيو جوبز

اسٽيو جوبز: آءِ ٽي (انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ) ۾ جدت پيدا ڪندڙ ايپل ڪمپنيءَ جي باني اسٽيو جوبز 1955ع ڌاري آمريڪا ۾ جنم ورتو، تعليم پوري ڪرڻ بعد 1974ع ۾ هن پنهنجي گھر ايپل ڪمپنيءَ جو بنياد وڌو. اسٽيو جوبز پنهنجي عقل، محنت ۽ جذبي سان گهڻي صلاحيت رکندڙ سائنسي ماهر هو. اسٽيو جوبز، ٿامس ايڊيسن کانپوءِ هن صديءَ جو ٻيو ماهر مڃيو وڃي ٿو. آءِ ميڪ هجي يا آءِ فون، آءِ پوڊ هجي يا
آءِ بيگ، ايپل جي هر ايجاد پٺيان اسٽيو جوبز جي سوچ هئي. ان کان سواءِ دنيا جي سڀ کان پهرين اينيميشن ڪمپني مئڪڊول ايني ميشن پٺيان به اسٽيو جوبز جي سوچ هئي. مائيڪرو سافٽ جو باني بل گيٽس اسٽيو جوبز جو سڀ کان وڏو مخالف هو، پر سندس مرڻ کان پوءِ بل گيٽس جو چوڻ هو ته جوبز جي کوٽ کي ايندڙ نسل ياد ڪندا. اعليٰ صلاحيت رکندڙ اسٽيو جوبز 2000ع کان ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. هن 56 سالن جي ڄمار ۾، 6 آڪٽوبر 2011ع تي وفات ڪئي.


لفظ اسٽيو جوبزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو